اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي ف??ر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقدير جي درجن جي بلند?? لاءِ دعا ڪئي. نگران وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن ج?? لاءِ صب?? جميل جي دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن تيراهه ۾ وطن جي حفاظت ج?? لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پنهنجي شهيدن تي ف??ر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ار??دن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔