نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي ??ي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح ??هي، حڪومت جو سمورو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي، حڪومت آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي تجويزن جي آجيان ڪندي، پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکون ٿا. هتي ملندڙ پڌرائي موجب نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي يو ايس پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي نگرا?? وزيراعظم ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا جي ڪارپوريٽ سيڪٽر کي پاڪستان سان پنهنجي پراڻي ۽ نتيجاخيز لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ طريقي ۽ ذريعن تي غور ??رڻ گهرجي. نگرا?? وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي معيشت جي سمورن شعبن ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح ??هي. حڪومت جو ڌيان ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ تي آهي. ان سلسلي ۾ سمورين تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. نگرا?? وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ??نو ته حڪومت پرڏيهي سيڙپڪاري جي نظام تي يقين رکي ٿي ۽ ان ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن کي سهولت ف??اه?? ڪرڻ، انهن جو اعتماد وڌائن، زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، کاڻين جي کوٽائي ۽ توانائي جي ترجيحي شعبن ۾ منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري ڪائونسل جوڙي آهي. نگرا?? وزيراعظم سيڙپڪاري جي لاءِ خاص طور تي زراعت، فارماسيوٽيڪل، صحت سميت مختلف شعبن ۽ ڊيجيٽل بئنڪنگ جي نشاندهي ڪئي جتي آمريڪي ڪمپنيون پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائي سگهن ٿيون. ڪائونسل جي صدر ايسپيرانزه جيلاليان نگرا?? وزيراعظم کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي کيس يقين ڏياريو ته آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل پاڪستان حڪومت سان تعاون وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ موقعا ڳولڻ جي لاءِ رابطا جاري رکندي. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن نگرا?? وزيراعظم کي پاڪستان ۾ پنهنجي ڪاروبار ۽ پاڪستاني مارڪيٽ ۾ پنهنجي سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي منصوبن بابت آگاهه ڪيو.
ٻاهرئين سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ راغب ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔