اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان جو بنيادي مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن جي مقرر تاريخ تي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، اسان هڪ ذميوار آئيني نگران حڪومت آهيون، اسان ڪنهن اهم آئيني عهدي جي خلاف چڙهائي نه ٿا ڪري سگهون، نه ان جو حصو بڻجي سگهون ٿا، اسان پن??نجي حلف جي پاسداري ڪنداسين، گذريل حڪومت سياسي اتحاد ٺاهي هئي، ان دور ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي وضاحت انهن کي پاڻ ڪرڻ گهرجي، اسان جو ڪم اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪرڻ آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته بجلي، گئس ۽ ضرورت جي شين جي قي??تن ۾ اضافي جو پتو آهي، گذريل ڏينهن ۾ ع??لمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قي??تن ۾ اضافو ٿيو، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٿي جنهن جي ڪري معاشي مشڪلاتون پيدا ٿيون. هن چيو ته ايندڙ هفتي اسان معاشي بحالي جو منصوبو ڏيڻ وڃي رهيا آهيون. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران وفاقي ڪابينا ۾ شامل سموريون شخصيتون پن??نجي پن??نجي شعبن جون ماهر آهن، اسان جي ڪوشش هوندي ته جنهن حالت ۾ اسان کي ملڪ مليو ان کان بهتر حالت ۾ ڏئي وڃون، اسان کي ڪفايت شعاري سميت اهم قدم کڻڻا پوندا جنهن سان معيشت بحال ٿئي. هڪ سوال تي هن چيو ته اهو اسان جو ڪم نه آهي ته ڪنهن جي حق يا مخالفت ۾ ع??التي معاملن ۾ مداخلت ڪريون، ڊڄڻ انهن ماڻهن کي گهرجي جيڪي قانون ۽ آئين جي خلاف ڪم ڪن ٿا، اسان آئين ۽ قانون جو احترام ڪريون ٿا. 9 مئي سانحي جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته ڪنهن سياسي پارٽي اهڙو عمل ناهي ڪيو جيڪو 9 مئي تي ٿيو، 9 مئي سانحي سان جمهوريت مضبوط نه ڪمزور ٿي آهي، 9 مئي سانحي تي فيصلو عدالتن کي ڪرڻو آهي جنهن جو اسان کي احترام آهي، انصاف ئي اسان جو ڇوٽڪارو آهي، انتقام اسان جو ڇوٽڪارو نه آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي پاڪستاني شهرين جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي حوالي سان بيا?? بابت سوال تي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم جي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.
اسان جو بنيادي مينڊيٽ اليڪشن ڪميشن جي مقرر تاريخ تي چونڊون منعقد ڪرائڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي: وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری