اسلام آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي وڃي باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ امن امان ق??ئم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائينداسين. نگران وزيراعظم حملي ۾ فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. مولانا فضل الرحمان انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظه??ر ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه آمد، ورڪرز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس