اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت قومي صحت، سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي 9 نئين ۽ 31 جاري منصوبن جي لاءِ 13 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب نئين منصوبن جي لاءِ 2 ارب 59 ڪروڙ 66 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊز رکيا ويا آهن. ان ۾ اسلام آباد ۾ بوڪرا واري جڳهه تي طبي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا، ليبارٽري جي قيام جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي گادي واري شهر ۾ يونيورسل ??يل?? ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي نيشنل ??يل?? سپورٽ منصوبي جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. گمبٽ سنڌ ۾ بائيوليجڪل اينڊ ڪينسر ريسرچ ۽ ٽريٽمينٽ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا، هيپاٽائيش سي جي خاتمي جي و??ير??عظم قومي پروگرام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا ۽ اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ اوزارن جي خريداري جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. و??ير??عظم جي زيابيطس کي روڪڻ جي قومي پروگرام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزارت جي 31 جاري منصوبن جي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ڪينسر اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ڳوٺاڻن علائقن ۾ صحت جي سهولت ??ي استحڪام ۽ اپ گريڊيشن جي لاءِ 35 ڪروڙ 69 لک، پمز ۾ نيورو سرجري جي شعبي ??ي اپ گريڊيشن جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، ??يل?? سروسز اڪيڊمي جي بهتري لاءِ 14 ڪروڙ 58 لک رپيا رکيا ويا آهن. پمز ۾ 200 بسترن تي ٻڌل حادثن واري شعبي ۽ ايمرجنسي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا، جي – اليون ٿري ۾ جناح اسپتال اسلام آباد قائم ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا جڏهن ته اسلام آباد جي قومي ??يل?? انشورنس پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ صحت سهولت پروگرام جي لاءِ 2 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي.
پي ايس ڊي پي تحت قومي صحت، سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي 9 نئين ۽ 31 جاري منصوبن جي لاءِ 13 ارب 10 ڪروڙ رپيا مختص
مضمون کا ماخذ : قزاقوں کی کافی مقدار