اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??مر??ن نيازي کي ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو هو، ان کي آڻيندڙن جو مقصد سڀني کي چور ڌاڙيل قرار ڏيارڻ هو، ??مر??ن نيازي کي 10 سالن تائين مڙهي رکڻ جو منصوبو هو، پي ٽي آءِ قيادت ملڪ کي تباهي جي ور چاڙهيو، ??مر??ن نيازي جي خلاف ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو، جيڪڏهن ??مر??ن خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري، ٻٽي معيار سان انصاف جو جنازو نڪري ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ??مر??ن خان نيازي ڪوڙي پروپئگنڊه سان قوم کي ورڇ ڪيو ۽ هر جڳهه زهر پکيڙيو، ??مر??ن نيازي آمريڪا سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ??سان پاڪستان جي سفارتي محاذ تي دنيا سان لاڳاپا بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا، حڪومت ورثي ۾ ملندڙ مسئلن ۽ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ انتهائي مشڪل صورتحال مان گذري رهيو آهي، ??ئيني طريقي سان چونڊيل اسان جي حڪومت کي آمريڪي سازش قرار ڏنو ويو، ??مر??ن خان ۽ ان جا حواري بي شرمي سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا، پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اربين رپين جي ڪرپشن تي ڪنهن جواب نه گهريو بلڪه مالم جبه، بلين ٽري سونامي ۽ بي آر ٽي جهڙن ڪرپشن جي ڪيسز ۾ انهن کي ڪلين چٽ ڏني وئي ۽ انهن ڪيسن کي ناممڪن قرار ڏنو ويو ??ڏه?? ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي پاناما جي ڊرامي ۽ اقامي جي بي ڍنگي ڪيس ۾ سزا ٻڌائي وئي، هن پنهنجي ڌيءَ سان گڏ عدالتن کي منهن ڏنو، آصف علي زرداري جي ڀيڻ کي چنڊ رات تي اسپتال مان کڻي گرفتار ڪيو ويو، ??ڄ نيب جي غبن ۽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ عدليه ??مر??ن خان جي لاءِ شيهي جي ديوار بڻجي وئي ??ڏه?? ته اسان جا ڪيس لٽڪايا ويندا هئا، سال سال تائين ضمانت جي درخواست نه ٻڌي ويندي هئي، ڪالهه عدالت جي ريمارڪس تي حيرت ٿي، ڪاش فريال ٽالپر، مريم نواز ۽ اسان کي به عدالتن ۾ ڏسي چيو وڃي ها ته توهان کي ڏسي تمام سٺو لڳو، عام ماڻهن جا ڪيس عدالتن ۾ سالن جا سال لٽڪيل رهن ٿا، اسان صبر سان سمورن ڪيسن کي عدالتن ۾ منهن ڏنو. وزيراعظم چيو ته ??مر??ن نيازي جو مقصد آءِ ايم ايف ڊيل کي ختم ڪرڻ ۽ پاڪستان کي معاشي طور تي تباهه ڪرڻ هو، نيب نيازي ڳٺ جوڙ سيڙپڪارن کي ڀڄائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته ??مر??ن نيازي حساس ٺڪاڻن تي حملا ڪرايا، جيڪڏهن ??مر??ن خان بي ايمان ۽ بدديانت نه آهي ته عدالت ۾ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري.
عمران نيازي کي ڌانڌلي سان وزيراعظم بڻايو ويو هو، کيس 10 سالن تائين مڙهي رکڻ جو منصوبو هو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea