اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان هار??رڊ يونيورسٽي آمريڪا جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شاگردن سان غيررسمي ڳاله?? ٻولهه دوران پاڪستان جي ترقي جي لاءِ پنهنجي ويزن بابت آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ وفد وزيراعظم سان ملڪي معيشت، آءِ ايم ايف، زراعت، صنعت، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن جي حوالي سان سوال پڇيا. وزيراعظم وفد جي ڪشمير، پاڪستان جي خطي ۾ پائيدار امن ۾ ڪردار ۽ پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان سوالن جا جواب ڏنا. وفد حڪومت ۽ پاڪستانين جي مهمان نوازي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ وفاقي وزير احسن اقبال، مريم اورنگزيب، خاص معاونين احد چيما، سيد فهد حسين، جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
مضمون کا ماخذ : sorteos dupla sena