اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير مريم اورنگزيب معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خ??ن کي قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڳنڀير مسئل?? جي ڌٻڻ ۾ عمران خ??ن ڌڪيو، اڄ ڊالر جي قدر ۾ اضافي جي ذميداري عمران خ??ن تي آهي، ڊالر 193 روپين تي عمران خ???? جي ڪري ويو، آءِ ايم ايف معاهدي تي عمران خ??ن صحيحون ڪيون جنه?? جي سزا عوام کي مهانگائي جي صورت ۾ ملي رهي آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسي?? جي بيان تي رد عمل جو اظهار ڪندي وف??قي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ چار سال نالائقن، نااهلن، ڪارٽلز ۽ عمران مافيا جي حڪومت جي ڪري معاشي دهشتگردي ڪئي وئي، اڄ ملڪ ۾ معاشي عدم استحڪام عمران خ???? جي ڪري آهي، پيٽرول جي مد ۾ عمران خ??ن پنهنجي ناڪام سياست کي بچائڻ لاءِ ناقابل تلافي نقصان ڪيو جيڪو اڄ عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. هن چيو ته اڄ مشڪل فيصلا ڪيا پيا وڃن ته ان ??و ذميدار عمران خ??ن آهي، پنهنجي عوام دشمن معاشي ڏوهن کي لڪائڻ لاءِ عمران خ??ن ڪنٽينر تي چڙهيل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خ??ن صاحب سياسي مقصدن لاءِ ملڪ جي معيشت ۽ عوام کي داءُ تي لڳائڻ غداري هوندو آهي، توهان عوام کي مهانگائي ڏني، هاڻي سڀني کان وڌيڪ پاڻ مهانگائي جو شور مچائي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خ??ن شور نه مچايو، مهانگائي جو جواب ۽ معاشي تباهي جو حساب ڏيو.
معيشت جي تباهي، ڊالر جي تاريخي بلندي جو جوابدار عمران خان آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔