بيجنگ– 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحق ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ افغانستان جي پاڙيسري م??ڪن جي ٽئين اجلاس جي م??قعي تي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل م??مود، چين ۾ مقرر پاڪست??ني سفير معين الحق ۽ افغانستان ايمبيسڊر لاءِ خصوصي ??مائندو محمد صادق به موجود هو. ان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ تازو ئي ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل لاءِ 48 هين اجلاس ۾ پاڪستان پاران تجويز ڪيل ”ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي بابت قرارداد“ تي حمايت لاءِ ٿورو ادا ڪيو. ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان او اءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزب??ني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪست??ني قيادت کي خصوصي ??بارڪباد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ انٽيلي جنس جي شعبن ۾ اعليٰ سطح جي لاڳاپن جي م??اسٽا جي استحڪام جو مظهر آهي، ڪشمير جي مسئلي تي مسلسل ?? غير متزلزل حمايت تي ايران جي قيادت جو ٿورائتو آهيان، پاڪستان ايران سان ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ۽ واپاري حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي وزير ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ 21 هين گڏيل اقتصادي ڪميشن جي جلد انعقاد جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير اير??ني هم منصب کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان مندپشين سرحدي م??ڊين جي تعمير مڪمل ٿيڻ جو اشارو ڏنو، شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته انٽرنيشنل روڊ ٽرانسپورٽ ميڪنزم جي ئي ترسيل ۾ سهولت فراهم ڪندو رهندو، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان جي خصوصي ??دايت تي ايران جي مختلف جيلن ۾ قيد پاڪستانين جي جلد آزادي جو معاملو کنيو، پرڏيهي وزير هر سال ايران ايندڙ 50 لک کان وڌيڪ پاڪست??ني زائرين جي خصوصي سارسنڀال ڪرڻ ۽ ميرجاوها ۾ زائرين هائوس جي تعمير ڪرڻ تي اير??ني هم منصب جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير اير??ني پرڏيهي وزير سان پاڪست??ني ايمبيسي انٽرنيشنل اسڪول تهران جي لاءِ زمين مختص ڪرڻ جي درخواست ڪئي، همدرداڻو غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان جي قيادت ۽ عوام اير??ني صدر رئيسي جي جلد پاڪستان جي دوري جي م??تظر آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي معاملن تي مشاورت لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
پاڪستان ۽ ايران ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے