اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا جي سفيرن پنهنجون سفارتي سندون پيش ڪيون. ان سلسلي ۾ ايوان صدر ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. ان کان اڳ نيوزي لينڊ جي هاءِ ڪمشنر مائيڪل ويهي ميليسٽونگاوالش، يوگنڊا جي هاءِ ڪمشنر محمد تيز يڪوبا ڪسمبيرا، ميڪسيڪو جي سفير گيلر مواليجينڊر وپيوينٽي ۽ ڊوريڪا ۽ گهانا جي سفير ايررڪ اووسابوٽينگ صدر سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪس??ان 220 ملين کان وڌيڪ آبادي ۽ و??پا?? ۽ سيڙپڪاري جا بي پناهه امڪانن جو حامل اهم ملڪ آهي، هن نيوزي لينڊ، ميڪسيڪو، گهانا ۽ يوگنڊا سان اقتصادي ۽ و??پا???? لاڳاپن کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو. صدر چيو ته پاڪس??ان علائقائي و??پا?? ۽ رابطن جي مرڪز جي طور تي پنهنجي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻيندي دنيا جي مختلف خطن جي وچ ۾ و??پا?? ۽ رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو، هن سفيرن کي اهو به چيو ته هو پنهنجي ملڪن جي و??پا??ين کي ڪاروبار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ ۽ پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي ترغيب ڏين، سفيرن کي انهن جي مقرري تي مبارڪباد ڏيندي صدر ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو پاڪس??ان سان مختلف شعبن ۾ ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌ??ڪ سگهه ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪس??ان لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبن سميت پنهنجي زرعي شعبي جي ترقي کي تمام گهني اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل فائدي ج?? لاءِ انهن شعبن ۾ مهارت جي مٽاسٽا ڪرڻ چاهي ٿو. هن دوست ملڪن سان ٻطرف?? لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر دوست ملڪن سان تعاون جي موجوده سطح تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نون مقرر سفيرن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.