اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اس?? عمر چيو آهي ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اس??ن کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اس??ن کان ڊنل آهي، ڪورونا تي موجوده حڪومت جي واکاڻ صحت جي عالمي اداري، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آهي، اس??ن پاڻ اشتهار ناهن ڇاپيا. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف جي نڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته مخالف ڌر کي جيڪا تڪليف ٿي رهي آهي ان جي اس??ن کي خبر آهي، ڪجهه مهينن ۾ هڪ طوفان مچائي ڇڏيو آهي ته حڪومت جا آخري ڏينهن اچي ويا آهن پر اڄ پوري قوم ڏٺو ته آرڊيننس جي توسيع ۾ ووٽنگ تي ان جا صرف 3 ميمبر اٿي بيٺا، اهي پنهنجي ميمبرن کي اٿاري بيهاري نٿا سگهن ته عوام کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪري سگهندا. اس?? عمر چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ سندس وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير مالهي، ڌوٽي ۽ نائي جي اقامن تي نوڪريون ڪ??ي رهيا هئا، هنن مسلمانن جي رت جي پياسي ۽ قاتل نريندر مودي کي پنهنجي گهر گهرايو، ان جي لاءِ ساڙهيون موڪليون، اهي ماڻهو قومي سلامتي جي ڳالهه ڪندي سٺا نٿا لڳن، اس?? عمر چيو ته ڏيڍ سال پهرين جڏهن ڪورونا آيو ته هڪ صاحب جيڪو لنڊن ڀڄي ويو هو، پنهنجي سي وي کي اپ ڊيٽ ڪندي لنڊن مان واپسي آيو پر کيس مايوسي ٿي، فرق صرف ايترو آهي ته جڏهن اهي ڊينگي تي ڪم ڪ??ي رهيا هئا ته پاڻ پنهنجا اشتهار ڇاپي رهيا هئا، ڪورونا تي اس??ن جي واکاڻ صحت جو عالمي ادارو، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آهي، گذريل سروي ۾ 86 سيڪڙو پاڪستانين قرار ڏنو ته ڪورونا تي حڪومت بهتر ڪارڪردگي جو مظاه??و ڪيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنج پنج سال حڪومتون ڪيون، اهي نااهل حڪومتون هيون، 10 سالن ۾ هن ايوان مان هڪ روپئي جي ترقياتي بجيٽ منظور ناهي ٿي، اس??ن جي حڪومت 400 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ۽ ايندڙ 6 مهينن ۾ وڌيڪ 600 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، هن چيو ته خواجه آصف ايڪسپائر آرڊيننس جي ڳالهه ڪ??ي رهيو آهي، ان تي اسپيڪر جي رولنگ اچي چڪي آهي پر آئون اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪ ايڪسپائر سياستدان جون تقريرون ٻڌڻ اس??ن تي لازمي آهي يا نه، هن چيو ته خواجه آصف خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آهي، ان تي جيڪڏهن جي يو آءِ جا ميمبر ڳالهه ڪن ها ته ان ۾ وزن هجي ها، تحريڪ انصاف اڪيلي 15 تعلقا کٽيا آهن، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ اي اين پي گڏجي 9 تعلقا کٽيا آهن، هن چيو ته اس??ن جي اها پارٽي آهي جنهن جي اڳواڻ چيو هو ته پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندڙن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن حڪومت دشمن جو جهاز ڪيرائي پائليٽ کي چانهه پياري ذليل ڪري ڇڏيو، اس??ن کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اس??ن کان ڊنل آهي، ان جي باوجود ان پارٽي جي هڪ اڳواڻ هن ايوان ۾ چيو ته خوف سان ٽنگون ڏڪي رهيون هيون، هن چيو ته ملڪي سلامتي جي حوالي سان موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.
حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اسان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اسان کان ڊنل آهي: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : bolão lotofácil