اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان بيلجيم سان ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ سياسي، اقتصادي، واپاري، تعليمي، سائنسي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي ??مڪاني خطرن کي روڪڻ ۽ افغانستان کي هڪ دفعو بيهر دهشتگردن جي پناهگاهن بڻجڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي برادري جو تعاون اڻٽر آهي. پرڏيهي آفيس موجب اها ڳالهه هن برسلز ۾ بيجليم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صوفي ولمس سان ملاقات دوران چئي. ڳالهين دوران پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي ??مورن رخن جو جائزو ورتو ويو، پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان بيجليم کي هڪ ويجهي دوست ۽ هڪ اهم واپاري حصيدار جي ??ور ي قدر جي نگاهه سان سڏي ٿو. پرڏيهي وزير پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۾ چڱي خاصي اضافي ۽ گڏيل دلچسپي جي ??عبن ۾ وڌندڙ ٻطرفي تعاون کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پاڪستان جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. شاهه محمود قريسي چيو ته پاڪستان بيجليم سان ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سياسي، اقتصادي، تجارتي، تعليمي، سائنسي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، علائقائي صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي لاءِ انتهائي اهميت ??کندڙ آهي، هن چيو ته افغانستان ۾ انساني بحران جي ??ورتحال تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي ??حالي ۽ ڊگهي مدي وا??ي امن ۽ استحڪام لاءِ عالمي برادري کي موثر ۽ سنجيده ڪوششون ڪرڻ گهرجن. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ اڀرندڙ انساني بحران کي منهن ڏيڻ، پناهگيرن جي لڏپلاڻ جي ??مڪاني خطرن کي روڪڻ ۽ افغانستان کي هڪ دفعو بيهر دهشتگردن جي پناهگاهه بڻجڻ کان محفوظ رکڻ لاءِ عالمي برادري جو تعاون اڻٽر آهي، پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي ??راب معاشي صورتحال طرف ڇڪرائڻ لاءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ??ير معمولي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، پرڏيهي وزير پنهنجي هم منصب کي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري اناسني حقن جي ??نگين پائمالين ۽ خطي جي ??من کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين ۽ ڪشميري عوام کي خودمختياري وا??ي حق جي فراهمي کان انڪار، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن، هن چيو ته ڪنهن به بامعنيٰ ڳالهه ٻولهه جي ??اهه هموار ڪرڻ لاءِ ڀارت سرڪار کي پنهنجي 5 آگسٽ 2019ع جي ??ير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن تي نظرثاني ڪرڻي وپندي، بيلجيم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صوفي ولمس پاڪستان ۽ بيلجيم جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار۽ سفارتي اهلڪارن، عالمي تنظيمن جي ??ملي ۽ ٻين غير ملڪين جو ڪابل کان محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستان جي ٻي قيادت جو ٿورو ادا ڪيو. هن خاص طور تي آپريشن ”ريڊ ڪائٽ“ جي ڪامياب انعقاد لاءِ پاڪستان جي ??مايت ??ي ٿورو ادا ڪيو، جنهن ۾ 201 بيلجين شهرين سميت 1400 ماڻهن کي افغانستان مان حفاظت کان ڪڍيو ويو، وا??ح رهي ته تقريب هڪ ڏهاڪي کانپوءِ پاڪستان جي ڪنهن پرڏيهي وزير جو اهو پهريون بيجليم جو دورو آهي. پرڏيهي وزير بيجليم جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير صوفي ولمس کي پاڪستان جي ??وري جي ??عوت ڏني جنهن کي هنن خوشي سان قبول ڪندي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جو ٿورو ادا ڪيو.
پاڪستان بيلجيم سان ٻطرفي حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سياسي، اقتصادي، واپاري، تعليمي، سائنسي ۽ گهڻ رخي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار