اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن سان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي ل??ءِ وڏو چئلينج آهي، ڪجهه ملڪن ۽ گروپس پنهنجي مخالفن کي بدنا?? ڪرڻ جي ل??ءِ ميڊيا کي هٿيار طور استعمال ڪن ٿا، گڏيل قومن کي ميڊيا تي جعلي خبرن ۽ نفرت ??کيڙيندڙ مواد روڪڻ جي ل??ءِ فريم ورڪ تيار ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جي سفير ڪرسٽوف ال ڪاسيس سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته پاڪستان ۽ هولي سي (ويٽيڪن سٽي) جعلي خبرن ۽ نفرت ??کيڙيندڙ مواد جي خاتمي ل??ءِ گڏجي ڪ?? ڪري سگهن ٿا. هن چي?? ته پاڪستان ۽ ويٽيڪن سٽي کي هڪ ٻئي جي ثقافتي ۽ مذهبي قدرن بابت آگاهي حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته ماضي ۾ رابطي جي ل??ءِ ٽيڪنالاجي جي کوٽ هئي پر هاڻي صورتحال بدلجي چڪي آهي، خبرون تيزي سان پکڙجن ٿيون، پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ پوري دنيا جي ل??ءِ وڏو چئلينج آهي. هن چي?? ته حڪومتون مرڪزي ڌارا جي ميديا تي نفرت ??کيڙيندڙ مواد ڪنٽرول ڪري سگهن ٿيون پر ڪالعدم تنظيمن پاران سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو پيو وڃي. چوڌري فواد حسين چي?? ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت بين المذاهب همن آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي فروغ لاءِ ڪ?? ڪري رهي آهي. هن چي?? ته پاڪستان ۾ سک مذهب جي باني بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جون تقريبون جاري آهن. قومي ٽي وي چينل تي بابا گرو نانڪ جي زندگي ۽ تعليم تي خاص پروگرام نشر ڪيا پيا وڃن. ويٽيڪن سٽي جي سفير دنيا ۾ امن کي يقيني بڻائڻ جي ل??ءِ مختلف مذهبن جي پيروڪارن جي وچ ۾ مذهبي هم آهنگي جي فروغ تي زور ڏيندي چي?? ته هولي سي (ويٽيڪن سٽي) پاڪستان ۾ مقامي چرچن سان تعاون چاهي ٿو.
ٽيڪنالاجي جي دور ۾ بيانيي جي جنگ هٿيارن سان وڙهي ويندڙ جنگ جي جڳهه وٺي ڇڏي آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کراچی لاٹری