اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ ا??غا?? ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪنڪليو اڄ اربع ڏينهن ک??ن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪنڪليو جو اهتمام پاڪ ا??غا?? يوٿ فورم ۽ انسٽيٽيو?? آف ريجنل اسٽيڊيز اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي تعان سان ڪيو آهي. ميڊيا ڪنڪليو ۾ پاڪستان ۽ ا??غا??ستان جي ميڊيا ۽ ميڊيا جي شعبن جا ماهر ٻنهي ملڪن جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون، گڏيل رابطن جي فروغ، ميڊيا جي ذريعي جامع اقتصادي راهداري جي قيام، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ذريعي خطي جي نوجوانن لاءِ پيدا ٿيندڙ موقعن، راندين ۽ ثقافتي سرگرمين جي ذريعي تعاون ۾ اضافو ۽ گڏيل اقتصادي فائدي لاءِ قدمن ۽ امڪانن تي غور ڪندا. ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪنڪليو جي افتتاحي سيشن جو ??اص مهمان اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هوندو جيڪو ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. جاري ڪيل شيڊول موجب ڪنڪليو جي پهرين ڏينهن پاڪستان ۽ ا??غا??ستان جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون تي مباحثو ٿيندو، ان مباحثي ۾ پاڪستان ک??ن نسيم زهره، هارون شاهه ۽ سفير منصور احمد خان جڏهن ته ا??غا??ستان ک??ن جاويد هاشم ڪاڪڙ، شگفته صديقي ۽ رابعه سادات حصو وٺندا جڏهن ته ماڊريٽر جا فرض ناديه نقي انجام ڏيندي. پهرين ڏينهن جي ٻي سيشن ۾ ٻنهي ملڪن جا شرڪت ڪندڙ جامع اقتصادي راهداري جي قيام ۾ ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهائيندا جنهن ۾ پاڪستان ک??ن حسن خان، قومي اسيمبلي ميمبر شاندانه گلزار ۽ ا??غا??ستان ک??ن اسد کوسا، عرفان سينان ۽ زهره صديقي شامل آهن. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي جو چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد گيس?? آف آنر طور اهم خطاب ڪندو، پاڪ – ا??غا?? ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪنڪليو جي ٻي ڏينهن پهرئين سيشن ۾ تفريحي صنعت ۽ اسپورٽس جرنلزم جي ذريعي رابطن کي فروغ تي مباحثو ٿيندو جنهن ۾ پاڪستان ک??ن جاويد شيخ، طاهر خان ۽ عثمان پيرزاده جڏهن ته ا??غا??ستان ک??ن فريد الدين عظيم ۽ ابراهيم مهمند حصو وٺندا، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. ٻي سيشن ۾ مباحثي جو موضوع امن جي راهداري – سي پيڪ، ترقي ۽ نوجوان آبادي هوندو جنهن ۾ هارون رشيد ماهراڻي راءِ ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبر عندليب عباس اهم خطاب ڪندي، ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪنڪليو جي پڄاڻي واري سيشن جو ??اص مهمان قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري هوندو، هو ان موقعي تي اهم خطاب به ڪندو.
پاڪ افغان ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪنڪليو اربع کان اسلام آباد ۾ شروع ٿيندو
مضمون کا ماخذ : پرامڈ ادا کرتا ہے۔