اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي ويزن کي عملي شڪل ڏيڻ لا??ِ سمورا ادارا ڪوششون ڪري رهيا آهن، جمهوريت ۽ معاشرو مخالف ڌر جي ڪردار کانسواءِ مڪمل نٿو ٿئي، مخالف ڌر جي رويي سان ڪش??ير ڪاز کي نقصان پهچي رهيو آهي، جيڪو پاڪستاني بيانيي جي نفي ڪندو اهو سياست جي آسمان تان گم ٿي ويندو، اڄ ڪش??ير ڪنهن هڪ پارٽي طرف نه پر پاڪستان ڏانهن ڏسي رهيو آه??، وزيراعظم عمران خان ڀارت جو اصل چهرو پوري دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري رهيو آهي، عوام کي سستو ۽ فوري انصاف فراهم ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، عام پاڪستاني جي سهولت لا??ِ قانونن ۾ تبديليون آنديون پيون وڃن، ملڪي قانونن ۾ تبديلين جي حوالي سان وزيراعظم جون هدايتون ملنديون رهنديون آهن، وزيراعظم عمران خان ملڪ کي ناڪاره نظام مان ڪڍڻ چاهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قانون واري وفاقي وزير فروغ نسيم سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
مخالف ڌر جي رويي سان ڪشمير ڪاز کي نقصان پهچي رهيو آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج