اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ضمني ??ونڊن جي نتيجن مان ثابت ٿي ويو آهي ته عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي، پي ٽي آءِ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي قومي پارٽي بڻجي سامهون آئي آهي، پي ٽي آءِ حقيقي معنيٰ ۾ وفاق ??ي علامت بڻجي اڀري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ٽي وي چينلز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي 11 مان 6 س??ٽن تي پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته 2 س??ٽن تي وڏو سخت مقابلو آهي، ان لاءِ اسان جي لاءِ ضمني ??ونڊن جا نتيجا ??وص??ي جوڳا آهن. هن چيو ته سڀ کان ??وص??ي جوڳي ڳالهه اها آهي ته سمورن صوبن ۾ پي ٽي آءِ جي نمائندگي نظر اچي رهي آهي ڇو ته چونڊن ۾ اسان سمورن صوبن مان کٽي آيا آهيون جنهن جو مطلب آهي ته پي ٽي آءِ واحد قومي پارٽي آهي جڏهن ته باقي پارٽيون ته صوبائي پارٽيون آهن.
ضمني چونڊن جي نتيجن مان ثابت ٿي ويو آهي ته عوام پي ٽي آءِ سان گڏ آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات