جده – 19 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي سعودي فرمانروا شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي سعودي عرب جو 2 ڏينهن جو دورو ڪيو. پرڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي، ??اڻي وارو وفاقي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ وزيراعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود پڻ ساڻس گڏ هئا. وزيراعظم عمران خان جو سعودي فرمانروا خادم ??لحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جده ۾ پنهنجي محل اچڻ تي استقبال ڪيو جتي کيس گارڊ آف آرنر ڏنو ويو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل لاڳاپن، علائقائي ۽ عالمي سياسي صورتحال ۽ مسلمان امت کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تعاون جاري رکڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے لائیو نتائج