اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سي??يٽر پرويز رشيد چيو آهي ته ٽيڪسن جي بنياد کي وسيع ڪرڻ ۽ ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ پوري ملڪ جي مفاد ۾ آهي. آل پاڪستان انجمن تاجران پاران واپارين جي لاءِ رضاڪاراڻي ٽيڪس اسڪيم جي حوالي سان آجياڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٽيڪس ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ سان نه ??ڳو موجوده نسل پر ايندڙ نسل جو به فائدو ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري ۾ انهن قومن کي سٺو ۽ محب وطن تصور ڪيو وڃي ٿو جيڪي ??يڪس ادا ڪن ??يون. هن چيو ته جن ملڪن ۾ ماڻهو ٽيڪس نه ٿا ڏين اتي حڪومتون پيٽروليم مصنوعات ۽ بجلي جهڙين روزمره جي استعمال وارين شين تي ٽيڪس هڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : sorteios quina