پشاور – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر ترقي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، فاٽا کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جو معاملو ??هي??ن جو نه پر ڏينهن جو آهي ۽ فاٽا سڌارن کي ڪجهه عنصرن پاران سياسي رنگ ڏيڻ مذمت جوڳو آهي جيڪي 2018ع جي عام چ??نڊن ۾ ان جوڪريڊٽ کڻڻ چاهين ٿا، فاٽا سڌارا آخري مرحلي ۾ آهن ۽ ڪجهه ڏينهن ۾ لاڳو ڪيا ويندا. جمردو خيبر ايجنسي ۾ ٽئين گورنر يوٿ اسپورٽس فيسٽيول 2017ع جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چ??و ته گذريل چئن سالن دوران اڳوڻي وزير??عظ?? محمد نواز شريف ۽ سرتاج عزيز جي س??بر??هي ۾ فاٽا ريفارمز ڪميٽي فاٽا سڌارن جي ڊرافٽنگ جي لاءِ رڪارڊ ڪم ڪيو ۽ فاٽا ۾ لاڳو هڪ صدي پراڻي نظام جي تبديلي جي حوالي سان سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز