اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف ??ي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي قطعي برداشت نه ڪرڻ جي واضح پاليسي کي ورجائيندي ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ويو آهي ته قومي پاليسي جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر سطح تي ڪوششون جاري رکيون وينديون، فوجي عدالتن انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو، وفاقي حڪومت فوجي عدالتن کي جاري رکڻ لاءِ آئيني ترميم تي مشاورت شر??ع ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن بابت اعليٰ سطحي اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس دوران دهشتگردي جي خاتمي جي آپريشنز ذريعي ملندڙ ڪاميابين کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ کي نظر ۾ رکندي داخلي ۽ علائقائي سلامتي جي ??ور??حال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر