بيجنگ -24 جون (اي پي پي) چين چيو آهي، ته هو چين ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي منصوبن جي سختي سان مخالفت ڪري ٿو ۽ لاڳاپيل قدمن جو حق محفوظ ر??ي ٿو. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ و??ڪ مطابق چين جي و??پا?? واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن بيان ۾ چ??و ته آمريڪي قدمن سان چين ۽ آمريڪي ڪاروباري ادارن وچ ۾ معمول جي اقتصادي ۽ و??پا??ي سهڪار تي اثر پوندا ۽ عالمي اقتصادي ۽ و??پا??ي نظام کي نقصان پهچندو. هن چيو ته آمريڪا کي مارڪيٽ اڪانومي جي قانونن ۽ منصفاڻي برابري جي اصولن جو احترام ڪرڻ گهرجي، اقتصادي ۽ و??پا??ي مسئلن تي سياست ڪرڻ ۽ ان کي هٿيار بڻائڻ بند ڪرڻ گهرجي، چين ۾ سيڙپڪاري تان پابنديون ختم ڪرڻ گهرجن ۽ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪاروباري سهڪار لاءِ هڪ نئون سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. چين جي و??پا?? واري وزارت جي ترجمان طرفان اهي رمارڪس 21 جون جي آمريڪي ناڻي کاتي پاران تجويز ڪيل قاعدن کان پوءِ سامهون آيا آهن جيڪي آمريڪي سيڙپڪاري کي چين ۾ محدود ڪري ڇڏيندو.
چين ۾ سيڙپڪاري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي تجويز ڪيل اصولن جي سختي سان مخالفت ڪيون ٿا: واپار واري وزارت بابت چين جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت