واشنگٽن -26 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي کاتي گادي واري ??هر واشنگٽن ۾ ڪيوبا جي سفارتخاني تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي. ان حملي ۾ هڪ شخص مبينه طور تي ڪيوبا جي سفارتخاني تي حملو ڪيو هو جنهن ۾ ڪو به شخص فوت يا زخمي نه ٿيو هو ۽ نه ئي وري ڪو ٻيو نقصان ٿيو هو. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان صحاف??ن کي ٻڌايو ته سفارتي ٺڪاڻن خلاف سمورا حملا ۽ ڌمڪيون قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن. ترجم??ن چيو ته اسان ڪيوبا جي سفارتخاني جي اختيارين س??ن رابطي ۾ آهيون ۽ ويانا ڪنوينشن تحت پنهنجي ذميوارين مطابق سفارتي سهولتن ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ سفارتڪارن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهيون. پرڏيهي کاتي تحقيقات ۾ واشنگٽن پوليس سان سهڪار ڪري ??هيو آهي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا