اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه، اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ملڪ ۽ قوم جي بي مثال خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو ملڪ، قوم ۽ جم??وريت جي استحڪام لاءِ پنهنجي جا?? جي قرباني پيش ڪئي، 27 ڊسمبر 2007ع ملڪي تاريخ ۾ هميشه هڪ المناڪ ڏينهن طور ياد رکيو ويندو. سيد مير غلام مصطفيٰ شاهه بينظير ڀٽو شهيد جي 17 هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته شهيد بينظير ڀٽو کي اسلامي دنيا جي پهري?? عورت وزيراعظم ۽ پاڪستا?? جي مخالف ڌر جي پهري?? عورت اڳواڻ چونڊجڻ جو اعزاز حاصل آهي، هن ملڪ ۾ جم??وريت جي بحالي ۽ استحڪام ۽ آئي?? جي بالادستي لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جرئتمندي سان غير جم??وري قوتن کي منهن ڏنو ۽ قيد جون ڏکيائيون برداشت ڪيون، هن هارين، مزدورن ۽ پٺ تي پيل طبق?? جي ڀلائي لاءِ هر فورم تي آواز اٿاريو، شهيد محترمه جي شهادت سان ملڪ جي سياست ۾ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرادري جي قيادت ۾ پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي مشن تي هلي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اسان سڀ گڏجي ملڪ کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نظريي تي عمل ڪري ملڪ کي درپيش مسئلن مان ڪڍي سگهجي ٿو.
شهيد بينظر ڀٽو ملڪ، قوم ۽ جمهوريت جي استحڪام لاءِ پنهنجي حياتي جي قرباني پيش ڪئي: ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha