اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سول نافرماني جي سڏ کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آهي، معاشي استحڪام جي لاءِ سياسي استحڪام لازمي آهي، اسلام آباد تي چڙهائي ڪندڙ شرپسندن کي نه ڇڏيو ويندو، شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي ??نخ??ا جو مڪينزم طئي ٿي ويو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو ته گذريل ڪجهه ڏينهن جي اندر شام جون حالتون مڪمل تبديل ٿي ويون. پاڪستان ان صورتحال ۾ غيرجانبدار رهيو. شام ۾ هن وقت 250 زائرين ۽ 300 ٻيا پاڪستاني موجود آهن. ان کانسواءِ ڪيترائي پاڪستاني خاندان سالن کان اتي آباد آهن. شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي ??نخ??ا جي حوالي سان نائب وز??راعظم ۽ شام ۾ پاڪستان جي سفير متحرڪ ڪردار ادا ڪيو. گذريل ڏينهن منهنجي شام ۾ مقرر پاڪستاني سفير سان ملاقات به ٿي. انهن ماڻهن کي رستي ذريعي لبنان ۽ رفيق حريري ايئرپورٽ کان چارٽرڊ فلائيٽ ذريعي واپس آڻي سگهجي ٿو. ڪالهه لبنان جي وز??راعظم سان ان سلسلي ۾ ڳالهه ڪئي آهي. رياض ۾ سعودي ولي عهد جي دعوت تي جڏهن آئون ويس ته منهنجي لبنان جي وز??راعظم سان ملاقات پڻ ٿي هئي. هن پاڪستاني عوام ۽ حڪومت جي لاءِ نيڪ جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان پاران موڪلي ويندڙ امداد جا ٿورا پڻ ادا ڪيا هئا. لبنان جي وز??راعظم بيروت جي ذريعي شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي ??نخ??ا جي سلسلي ۾ پنهنجي هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو. هن لاڳاپيل عملدارن کي ان سلسلي ۾ حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن. اهڙي طرح شام ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي ??نخ??ا جو مڪينزم طئي ٿي ويو آهي. وز??راعظم هفتيوار مهانگائي (ايس پي آءِ) جو انڊيڪس گهٽ ٿي 3.7 سيڪڙو تي اچڻ تي الله تعاليٰ جا شڪر ادا ڪندي چيو ته معاشي استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ سياسي استحڪام ۽ امن امان لازمي آهي. وز??راعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته ڪالهه آذربائيجان جي سفير سان پڻ ملاقات ٿي، فيبروري ۾ آذربائيجان جو دورو ڪندس ۽ پاڪستان ۾ آذربائيجان جي 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي حوالي سان معاهدا ٿيندا. وز??راعظم چيو ته حڪومت جي ڪوششن ۽ قدمن سان معاشي صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي. ان جي لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي. امن امان جي حوالي سان گذريل ڏينهن به اجلاس ٿيو جنهن ۾ مون هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد تي چڙهائي جي ناپاڪ ڪوشش ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ جي جيڪا سازش پاڪستان جي خلاف ڪئي وئي ان ۾ جيڪو به ملوث آهي ثبوتن سان ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي ۽ انهن کي ??نه?? به صورت ۾ نه ڇڏيو ويندو ۽ ??نه?? بيگناهه کي هٿ تائين نه لڳايو ويندو. وز??راعظم مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته اهو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين جي اعتماد جو اظهار آهي جيڪي ٻاهرئين ملڪ ڏينهن رات محنت ڪري حلال رزق ڪمائين ٿا ۽ پنهنجي رقم وطن موڪلين ٿا. وز??راعظم سول نافرماني جي ڪال کي بدقسمتي قرار ڏيندي چيو ته ان کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. وز??راعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان معاشي صورتحال ۾ بهتري سان پنهنجو مقام ضرور حاصل ڪندو.
سول نافرماني جي سڏ کان وڏي دشمني پاڪستان سان ڀلا ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار