اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ??ڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ريڊ زون جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو، حڪومت هڪ نئون قانون ”پيس فل اسيمبلي اينڊ پبلڪ آرڊر ايڪٽ 2024ع“ لاڳو ڪيو آهي جنهن تحت ريڊ زون ۾ احتجاجي ??ظاهرن تي پابندي هنئي وئي ??هي ۽ ڪنهن به عوامي ميڙ جي ??اءِ مئجسٽريٽ کان اجازت گهربل هوندي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سفارتي ڪور جي ??يمبرن کي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي ??ظآهرين جي ڪري پيدا ٿيندڙ تازي صورتحال تي بريفنگ ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ کي ريڊ زون ۾ ڪنهن به احتجاجي جلسو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو هو، عدالتي فيصلي جي تعميل ۾ حڪومت گهرو وزير محسن نقوي کي پارٽي سان رابطي جو ٽاسڪ ڏنو هو پر ڪوششون ناڪام رهيون. نائب وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت سدائين ريڊ زون جي سيڪيورٽي کي ترجيح ڏني آهي جنهن ۾ پارليامينٽ هائوس، سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، وفاقي ادارا ۽ سفارتي ڪور موجود آهن. محمد اسحاق ڊار ??فارتڪارن کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ 24 نومبر تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪو بيلاروس جي صدر جي دوري جي ??وقعي تي ئي هو. هن چيو ته اهو پي ٽي آءِ جي اهم تاريخن تي مظاهرن کي شيڊيول ڪرڻ جي ??اضي جي خراب طرز عمل سان هڪ جهڙائي ??کي ٿو. نائب وزيراعظم چيو ته تازو ئي ??يس سي او سربراهي اجلاس جي ??وقعي تي پارٽي احتجاج ڪيو جڏهن ته 2014?? ۾ ??ن جي احتجاج جي ڪري چيني صدر جو پاڪستان جو دورو ملتوي ٿيو هو. هن ياد ڏياريو ته سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي ??ومي اسيمبلي جي 35 سيشن تي ڌانڌلي جي دعوائن کي رد ڪري ڇڏيو هو جيڪو 2014ع جي ڌرڻي جو بنيادي سبب هو، حڪومت سان لکت واري معاهدي ۾ ائين ڪرڻ جو وچن ڪرڻ جي باوجود پارٽي ڪڏهن به معافي نه ورتي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو ته حڪومت پاران سنگجاڻي ۾ متبادل احتجاجي جڳهه جي آڇ جي باوجود پي ٽي آءِ ضد ڪري ريڊ زون ۾ مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن چيو ته آزادين ۽ انساني حقن کي اهڙن طريقن سان استعمال نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان لاقانونيت پيدا ٿئي ۽ پاڪستانين ۽ سفارتي ڪور جي جان ۽ مال کي خطرو ٿئي. نائب وزيراعظم چيو ته حڪومت تحمل جو مظاهرو ڪيو ڇو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا رڳو واٽر ڪينن ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس سان ليس هئي، گولا بارود سان نه. هن چيو ته ڊپلوميٽڪ انڪليو، پارليامينٽ هائوس، وزيراعظم هائوس ۽ ٻين اهم عمارتن جي حفاظت جي ??اءِ فوج سان گڏ پوليس ۽ رينجرز کي مقرر ڪيو ويو هو. محمد اسحاق ڊار ??يبرپختونخواهه جي صوبائي ??ڪومت پاران وفاقي گادي واري شهر ۾ مارچ ڪرڻ جي ??اءِ عوامي وسيلن جو استعمال ڪرڻ جي ??انوني حيثيت تي پڻ سوال اٿاريو ۽ چيو ته ڪنهن به وفاقي ڌُرين کي ائين ڪرڻ جو حق حاصل نه آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاران ريڊ زون جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : resultados loteria São Paulo