لاهور-22 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ورڪنگ وومن
جي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪردار کي ساراهيندي ا?? عزم کي ورجايو
ته پاڪستان ۾ عو??تن کي ملڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ڪردار ادا
ڪرڻ لاءِ برابري جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم آفيس جي
ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ورڪنگ وومن جي قومي ڏينهن جي موقعي
تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ورڪنگ وومن جي قومي ڏينهن تي اسان
پنهنجي معاشري جي تعمير ۽ ملڪ جي معاشي ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ پاڪستان
جي عو??تن جي اهم ڪردار ۽ حصيداري کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
عورتون اسان جي آبادي جو اڌ کان وڌيڪ حصو آهن، اسان جي ملڪ جي
مستقبل جي جوڙجڪ ۾ عو??تون مک ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. جيئن ته
اسان جي قوم جي باني قائداعظم محمد علي جناح صحيح فرمايو هو ته ڪا به
قوم ان وقت تائين عظمت جي بلندين تي نٿي پهچي سگهي جيستائين اوهان جون
عورتون اوهان سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نٿيون هلن. اڄ اسان ه?? عزم کي
ورجايون ٿا ته پاڪستان ۾ عو??تن کي ملڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽
ڪردار ادا ڪرڻ جا برابر جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته
عورتون تعليم ۽ صحت جي سارسنڀال کان وٺي ڪاروبار ۽ عو??مي خدمتن تائين
مختلف شعبن ۾ قائداڻي عهدن تي نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.
عورتن جون خدمتون پيشيوراڻي ميدان کانسواءِ خاندانن جي پرورش ۽ ايندڙ نسلن
کي پرگهور جي حوالي سان به اڳيان آهن. وزيراعظم چيو ته عو??تن جي اهم
ڪردار کي تسليم ڪندي حڪومت ڪم ڪندڙ عو??تن جي مدد لاءِ ڪيترائي قدم
کنيا آهن، جنهن ۾ عو??تن ۾ ڪاروباري صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ نوجوانن کي بنا
وياج قرضن جي فراهمي، عو??تن جي تعليم ۽ راندين جي ترقي لاءِ انڊومنٽ فنڊ
جو قيام شامل آهن، عو??تن کي ٻٽي ذميوارين ۾ انهن کي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ
ادارن ۾ ڊي ڪيئر مرڪزن جو قيام به هر اداري لاءِ لازم قرار ڏنو ويو آهي.
وزيراعظم چيو ته اسان عو??تن جي مهارت ۽ قابل??ت کي وڌائڻ لاءِ خصوصي
تربيتي پروگرام به شروع ڪيا آهن ته جيئن انهن کي بااختيار بڻائي سگهجي ۽
هو سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ اعليٰ عهدن تائين پهچي سگهن. وزيراعظم
چيو ته اسان جي حڪومت هڪ اهڙي مستقبل لاءِ ڪم ڪري رهي آهي جتي
عورتن لاءِ اعليٰ عهدن تائين پهچڻ معمول هجي. وزيراعظم چيو ته اچو اسان
ڪندڙ عو??تن کي درپيش چئلينجن کي گهٽ ڪرڻ ۽ عو??تن لاءِ ڪم جو اهڙو
ماحول فراهم ڪرڻ جو وچن ڪريون جتي اهي ترقي ڪري سگهن. انهن جي
صلاحيتن کي ڪتب آڻي اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته عو??تون
پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهنديون. ا
پاڪستان ۾ عورتن کي ملڪ جي ترقي ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ برابري جا موقعا فراهم ڪيا ويندا: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری