اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو فلسطيني عوام سان ??ڪج??تي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وقار حاصل ڪرڻ جي لاءِ فلسطيني عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ ??ڪج??تي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين جي هڪ آزاد رياست، جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته پ??ڪستان لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701 کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان لبنان جي خودمختياري، ع??ائ??ائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. هن متاثر ماڻهن جي لاءِ انساني امداد جي فوري ضرورت، بي گهر ماڻهن جي محفوظ واپسي ۽ تڪرارن کان متاثر ع??ائ??ن جي نئين سر تعمير ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرار کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي پٽيءَ ۽ ٻين والاريل فلسطيني ع??ائ??ن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خاتمو ۽ فلسطيني عوام جي لاءِ انساني امداد جو مرحلو طئي ڪندو.
پاڪستان پاران لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان، فلسطيني عوام جي حمايت جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال