اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمب??ي جي اسپيڪر سردار اياز صادق فلسطين جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه تي تهران ۾ قاتلاڻي حم??ي جي شديد مذمت ڪندي حم??ي جي نتيجي ۾ اسماعيل هانيه جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته اسماعيل هانيه تي حملو بربريت ۽ جارح??ت جو افسوسناڪ مثال آهي ۽ اهو عالمي قانون?? ۽ ??درن جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسرائيل غزه ۾ ظلم ۽ بربر??ت جي بازار گرم ڪر?? رکي آهي. فلسطين جي آزادي جي جدوجهد لاءِ اسماعيل هانيه ۽ سندس خاندان جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. اهي قربانيون ضايع نه وينديون. اسپيڪر اسماعيل هانيه جي وارثن، فلسطيني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. هن اسماعيل هانيه جي درجن جي بلندي ?? سوڳوار خاندان لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری