راولپنڊي-29 جولاءِ (اي پي پي) گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ سيڪيورٽي جي ڊيوٽي تي مقرر فورسز جي اهلڪارن تي حملو ڪيو ويو ??نهن جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد جڏهن ته هڪ آفيسر سميت 16 جوان زخمي ٿي پيا، پاڪ فوج هجوم جي پرتشدد ڪاررواين کي ناقابل قبُول قرار ڏيندي ذميوارن کي انصاف جي ??ٽه??ي ۾ آڻڻ جي عزم کي ورجايو. آءِ ايس پي آر موجب 29 جولاءِ تي نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ هڪ پرتشدد هجوم گوادر ضلعي ۾ سيڪيورٽي تي موجود اهلڪارن تي حملو ڪيو ??نهن جي نتيجي ۾ سپاهي شبير بلوچ، عمر 30 سال ره??دڙ سبي، شهيد ٿي ويو. ان کانسواءِ مظاهرو ڪندڙن جي بلاجواز حملن جي نتيجي ۾ هڪ آفيسر سميت 16 فوجي زخمي ٿيا آهن. ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي غير قانوني پرتشدد مارچ لاءِ همدردي ۽ حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا ڪندڙن طرفان ڪوڙيون تصويرون ۽ جعلي وڊيوز جو استعمال ڪندي ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز اشتعال انگيزي باوجود غير ضروري شهرين جي مارجڻ کان بچائڻ لاءِ انتهائي صبر جو مظاهرو ڪيو. هجوم جون پرُتشدد ڪارروايون ناقابل قبول آهن ۽ ذميوارن کي انصاف جي ??ٽه??ي ۾ آندو ويندو. سمورن شهرين کي اپيل ڪئي وڃي ٿي ته اهي پروپيگنڊا جو شڪار نه ٿين، پراسڪون ۽ پرامن رهن ۽ امن امان کي برقرار رکڻ ۾ قانون لاڳو ڪ??دڙ ادارن سان تعاون ڪن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
گوادر ۾ نام نهاد بلوچ راجي مچي جي آڙ ۾ حملي ۾ پاڪ فوج جو جوان شهيد ۽ هڪ آفيسر سميت 16 ڄڻا زخمي ٿي پيا: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : گونزو کی تلاش