اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان جمعي ڏينهن پاڪستان ۾ اٽلي جي سفير ميريلينا ارميلن ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ – اٽلي ٻه طرفن پارلياماني ۽ واپاري لاڳاپن سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي چيو ته پاڪستان اٽلي سان پنهنجي پراڻ?? دوستاڻن لاڳاپن کي نهايت اهميت ڏئي ٿو، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هميشه خيرسگالي ۽ اعتماد تي ٻڌل رهيا آه??. ا??پيڪر چيو ته پاڪستان اٽلي سميت سمور?? دوست ملڪن سان گڏيل لاڳاپن کي ??ڌي?? هٿي ڏيڻ ج?? خواهشمند آهي، پارلياماني سفارتڪاري ذريعي ٻنهي ملڪن جي عوام کي ??ڌي?? ويجهو آڻي سگهجي ٿو، پارلياماني وفدن جي مٽا سٽا ۽ فعال پاڪ-اٽلي پارلياماني فرينڊشپ گروپ سان گڏيل لاڳاپا ??ڌي?? مستحڪم ٿيندا. اٽلي جي سفير اسپيڪر جي اٽلي لاءِ خير سگالي جي جذبن جي اظهار ۽ ٻه طرفن لاڳاپن کي ??ڌي?? هٿي ڏيڻ ج?? خواهش تي ٿورو مڃيو ۽ اٽلي جي پاڪستان سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري کي ??ڌي?? هٿي ڏيڻ ج?? خواهش جو اظهار ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان اٽلي جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گرم گرم