اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته دهشتگردي سان اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خ??رو آهي، پاڪستان دهشتگردي کي هڪ گڏيل خطرو سمجهي ٿو. 16 هين قومي اسيمبلي جي پهرين پارلياماني سال جي شروعات تي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي پنه??جي خطاب ۾ صدر آصف علي زرداري دهشتگردي جي لعنت جو ذڪر ڪندي چيو ته دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڙيسري ملڪن مان دهشتگرد گروهن جو سختي سان نوٽيس وٺڻ ??ي اميد ڪريون ٿا. صدر چيو ته دهشتگرد گروهه اسان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي خلاف حملن ۾ ملوث آهن، دهشتگرد عنصرن جي خ??تمي جي قوم جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، منه??جي گهرواريءَ ۽ ٻه ڀيرا چونڊيل وزيراعظم بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردن جو مقابلو ڪندي پنه??جي حياتي ڏني آهي. صدر چيو ته دهشتگردي جي خ??تمي ل??ءِ اتحاد ۽ تحريڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پٺتي نه رهندس. صدر چيو ته اسان کي پنه??جي هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي فخر آهي، هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ قومي سرحدن جي دفاع ۾ بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن.
دهشتگردي سان اسان جي قومي سلامتي، علائقائي امن ۽ خوشحالي کي خطرو آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش