اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پو??ٽل لائيف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي ??دا??ت ڪري ڇڏي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف پو??ٽل لائيف انشورنس جي داخل ڪيل اپيل رد ڪري ڇڏي، پو??ٽل لائيف فوتي پاران ڄمڻ جي تاريخ غلط ٻڌائڻ ۽ شگر جي بيماري لڪائڻ جي بنياد تي ڪليم ادائيگي کان انڪار ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري تفصيل موجب عبدالعزيز جي والد پو??ٽل لائيف کان 2010ع ۾ 50 لک رپين جي انشورنس پاليسي خريد ڪئي هئي. 2015ع ۾ والد جي لاڏڻي کانپوءِ پو??ٽل لائيف پٽ کي رقم جي ادائيگي کان انڪار ڪري ڇڏيو. فوتي جي پٽ انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ وفاقي محتسب وٽ شڪايت داخل ڪرائي. وفاقي محتس?? پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته فوتي پاليسي هولڊر سڃاڻپ ڪارڊ تي داخل ڄم جي تاريخ موجب انشورنس پاليسي خريد ڪئي ۽ پو??ٽل لائيف فراهم ڪيل معلومات قبول ڪرڻ کانپوءِ انشورنس پاليسي جاري ڪئي. فيصلي موجب انشورنس ايجنسي پاران شڪايت ڪندڙ کي ڪليم ادائيگي کان انڪا?? بدانتظامي جي برابر آهي. ڪمپني وفاقي محتسب جي شڪايت ڪندڙ جي حق ۾ فيصلو ڪرڻ تي صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ حقيقتن جي روشني ۾ شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. ص??ر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته انشورنس آرڊيننس موجب ڪا انشورنس پاليسي شروع ٿيڻ جي تاريخ جي 2 سالن کانپوءِ غلط معلومات جي بنياد تي چئلينج نه ٿي ڪري سگهجي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب زيابيطس ۽ هاءِ بلڊ پريشر جهڙي بيمارين کي لڪائڻ کي دوکيبازي سان تعبير نه ٿو ڪري سگهجي، اهڙين بيمارين ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ وڌيڪ محتاط رهي عام ماڻهن وانگر زندگي گذارين ٿا. صدر ??دا??ت ڪئي ته پو??ٽل لائيف وفاقي محتسب جي فيصلي جي 30 ڏينهن ۾ تعميل ڪندي فوتي جي وارثن کي ان جي انشورنس ڪليم ادا ڪري.
صدر پاران پوسٽل لائيف انشورنس کي فوتي پاليسي هولڊر جي وارثن کي 50 لک رپين جو ڊيٿ انشورنس ڪليم 30 ڏينهن ۾ ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino