اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي حنيف خالد جي صحافتي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، هو نه رڳو صحافين جو نمائندو آهي پر بزنس ا??مبيسڊر پڻ آهي، حنيف خالد پنهنجو اهو ڪردار بهتر ط??يقي سان نڀايو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس ا??نڊ انڊسٽري پاران سينيئر صحافي حنيف خالد کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ موجود هو. اطلاع??ت واري نگران وفاقي وزير چيو ته حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي، سندس صحافتي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ تي اسلام آباد چيمبر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته حنيف خالد جو اڌ صديءَ تي ٻڌل انتهائي شاندار صحافتي سفر آهي. هو صحافين جو نمائندو هجڻ سان گڏوگڏ بزنس ا??مبيسڊر پڻ آهي، هن اهو ڪردار بهتر ط??يقي سان نڀايو آهي. هن چيو ته ڪو ايوارڊ حنيف خالد جي خدمتن جي قيمت ادا نه ٿو ڪري سگهي. اسان جي ڪوشش هوندي ته کيس اڳئين اعليٰ ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪر??ون.
حنيف خالد صحافتي برادري جو روشن ستارو آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب