اسلام آباد – 27 – جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممت??ز زهره بلوچ چيو آهي ته يونان ٻيڙيءَ سانحي ۾ فوت ٿيندڙ 15 پاڪستانين جا مڙهه پاڪستان پ??چي ويا آهن جيڪي گجرات، گوجرانوالا، منڊي بهاءُ الدين، راولپنڊي، شيخوپوره، وهاڙي ۽ ميرپور آ??اد ڪشمير جي ضلعن ۾ انهن جي گهرڀاتين جي حوالي ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ??زا??ت ۾ هفتيوار بريفنگ دوران هن چيو ته يونان ۾ پاڪستان جي مشن ميتن جي ڳولا ۽ انهن کي پاڪستان پ??چائڻ ۾ سهولت فراهم ڪئي. ترجمان چيو ته يوناني عملدارن اهو به ٻڌايو ته انهن ملندڙ مڙهن جي ڊي اين اي ميچنگ جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته ان واقعي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ ڪنهن ٻئي پاڪستاني جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال