اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ??ڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي ڪري پي ٽي وي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محروم رهيو، اسان اقتدار ۾ اچي فوري ڪارروائي ڪئي ۽ ٽين اسپورٽس سان معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪري پي ٽي وي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي ??گهيا. قومي اسيمبلي ۾ شگفته ??ماڻي جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي وي اسپورٽس ۾ راندين جا عالمي مقابلا ڏيکارڻ جا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ عالمي ميڊيا سان معاهدن جي لاءِ هڪ سيل قائم ڪيو آهي، راندين جي مقابلن کان هڪ سال اڳ انهن معاهدن جي لاءِ ڪارروائي شروع ڪئي وڃي ٿي پر اڳوڻي حڪومت ان حوالي ??ان ڏوهاري غفلت جو مظاهرو ڪيو، پي ٽي وي جي اسڪرين کي اهي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محروم ر??يو ويو پر جڏهن اسان اقتدار ۾ آياسين ته ??سان فوري ڪارروائي ڪئي ۽ ٽين اسپورٽس سان معاهدو ڪيو پر وقت جي کوٽ جي ڪري پي ٽي وي کي انڊيپينڊنٽ رائيٽس نه ملي ??گهيا، اسان ان معاملي ??ي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هڪ آزاد ڪميٽي قائم ڪئي آهي جنهن جي رپورٽ کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي. صلاح الدين جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري پارلياماني سيڪريٽري چيو ته ??يڊيو ۽ 20 علائقائي زبانن ??ا 300 پروگرام روزانو ٿين ٿا. هن چيو ته ??يرمسلمان پاڪستانين جي مذهبي رسمن ۽ تهوارن جي حوالي ??ان به ۽ علائقائي زبانن ۾ پروگرام نشر ڪيا وڃن ٿا. شگفته ??ماڻي جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني سيڪريٽري شهباز بابر چيو ته پي ٽي وي سدائين راندين جون سرگرميون ڏيکاريون آهن، اسان جي حڪومت 2022ع ۾ آئي، ان کان اڳ اڳوڻي حڪومت فيفا سان ڳالهه ٻولهه ڪري چڪي هئي، ان معاملي ??ي جاچ ٿي رهي آهي جلد رپورٽ ايندي. شيخ روحيل اصغر جي سوال جي جواب ۾ شهباز بابر چيو ته پي ايس ايل جا مئچ به ان لاءِ نه ڏيکاريا ويا ڇو ته هڪ نجي ٽي وي چينل کي فائدو پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ان معاملي ??ي به ڪارروائي جاري آهي. يقين ڏياريان ٿو ته ??ڳتي پي ٽي وي سموريون مئچون ڏيکاريندو.
اڳوڻي حڪومت جي ڏوهاري غفلت جي ڪري پي ٽي وي اهم عالمي مقابلا ڏيکارڻ کان محروم رهيو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش