اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري تي افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل پهچي وئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب افغانستان جي معيشت واري نائب وزير عبداللطيف نظاري ۽ ڪابل ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي هيڊ آف مشن عبيدالله ??حم??ن ڪابل پهچڻ تي پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر جي آجيان ڪئي. پرڏيهي معاملن واري مملڪت?? وزير حنا رباني کر دوري دوران افغانستان جي عبوري حڪومت جي پرڏيه?? وزير امير خان متقي سان سياسي معاملن تي مشاورت ڪندي. ڳالهه ٻولهه ۾ تعليم، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ تعاون، علائقائي ر??بط??، عوامي ر??بط?? ۽ علائقائي سلامتي بابت معاملن سميت ٻطرفن لاڳاپن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. مملڪت?? وزير افغانستان ۾ امن کي مضبوط بڻائڻ ۽ خوشحالي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم ۽ حمايت کي به ورجائيندي.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪابل پهچي وئي
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت