نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سياسي معاملن جي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ملاقات دو??ان مملڪتي وزير حنا رباني کر 55 ملين ڊالر جي امداد ذريعي پاڪ??تا?? جي ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي آمريڪي حڪومت جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته آمريڪي ڪانگريس جي وفدن ۽ آمريڪي عملدارن جي پاڪ??تا?? جي تازي دوري ٻوڏ متاثرين ۽ پاڪ??تا??ي عوام جي لاءِ آمريڪي همدرديءَ جي عڪاسي ڪن ٿا. هن انڊر سيڪريٽري کي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي کان آگاهه ڪيو، جنهن سان 33 ملين ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير چيو ته جڏهن ته پاڪ??تا?? زهريلي گئسن جي عالمي اخراج جو هڪ سيڪڙو به گهٽ جو ذميوار آهي پر ان کي موسمياتي بح??ان درپيش آهي. هن حڪومت جي امدادي ڪوششن جو ذڪر ڪندي چيو ته نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ عالمي برادري پا??ان ڊگهي مدي واري امداد جي ضرورت پوندي. حنا رباني کر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ??تا?? ۽ آمريڪا جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جا تمام گهڻا امڪان موجود آهن. مملڪتي وزير ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال جو ذڪر ڪندي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي مرڪزيت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ڀارت پنهنجي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين تي وحشياڻو ظلم ڪري رهيو آهي. آمريڪي انڊر سيڪريٽري وڪٽوريا نولينڊ پاڪ??تا?? ۾ شديد ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظه??ر ڪندي چيو ته آمريڪا نئين سر تعمير ۽ بحالي جي عمل ۾ پاڪ??تا?? جي مدد ڪندو. هن ان ڳالهه کي به ورجايو ته آمريڪا موسمياتي تبديلي، صحت، توانائي، واپار ۽ سيڙپڪاري سميت مختلف شعبن ۾ پاڪ??تا?? سان ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيندو. مملڪتي وزير علائقائي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ اف??ان??تا?? ۽ ان کان ٻاهر امن، ترقي ۽ استحڪام جي ضرورت تي زور ڏنو.
حنا رباني کر سان آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سياسي معاملن جي انڊر سيڪريٽري جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ جیتنے کے طریقے