اسلام آباد – 13 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هائير ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) تي زور ڏنو آهي ته مارڪيٽ ۾ وڌيڪ تعليم يافته ۽ هنرمند پيشيور ماڻهن جي ??رو??ت کي نظر ۾ رکندي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائڻ ۽ ان جو تعداد وڌائڻ ل??ءِ يونيورسٽين جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، فيصله ساز تيزي سان بدلجندڙ عالمي مارڪيٽ جي ??رو??تن کي پوري طرح سمجهڻ ۾ سس??ي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن، ايڇ اي سي کي اهڙي اهم معاملي تي تيزي سان فيصله سازي کي يقيني بڻائڻ گهرجي. هو ايوان صدر ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي (جي آءِ ڪي آءِ) ٽو پي بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر فضل اي خالد، سوسائيٽي فار پروموشن آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر شڪيل دراني، غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي جي سينئر مينيجمينٽ جي ميمبرن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم وار?? وفاقي وزارت جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر اعليٰ تعليم تائين پهچ کي وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم يافته ۽ پيشيور گريجوئيٽ پيدا ڪرڻ جي ??رو??ت تي زور ڏنو، هن مارڪيٽ جي ??رو??تن کي پورو ڪرڻ ل??ءِ يونيورسٽين ۽ صنعتي شعبي جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ جي ??رو??ت تي زور ڏنو. هن چيو ته يونيورسٽين کي پنهنجي گريجوئيٽس کي مهارت فراهم ڪرڻ ل??ءِ سکڻ جي آن لائن ۽ هائبرڊ طريقن کي متعارف ڪرائڻ ۽ فروغ ڏيڻ جي ??رو??ت آهي، ريڪٽر غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ تيڪنالاجي اجلاس کي يونيورسٽي پاران تعليم جي فروغ ل??ءِ کنيل مختلف نون قدمن جي باري ۾ آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ ل??ءِ هڪ جامع آن لائن تعليمي نظام متعارف ڪرائي رهيو آهي، وڌيڪ اهو ادارو تعليمي سال 23 -2022ع ڪمپيوٽر سائنس ۽ سائبر سيڪيورٽي ۾ نوان پروگرام پيش ڪندو، ان کانسو??ءِ مصنوعي ڏاهپ، ڊيٽا سائنس ۽ سول انجنيئرنگ ۾ ايم ايس ۽ پي ايڇ ڊي پروگرام متعارف ڪرايا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرنگ سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي تعليم جي معيار کي وڌائڻ کانسو??ءِ ملڪ ۾ تحقيق ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ ل??ءِ مقامي ۽ عالمي ادارن سان گڏ تحقيقي تعاون ۽ عالمي رابطن کي فروغ ڏئي رهيو آهي، اجلاس کي مستقبل جي پروگرامن سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي انفراسٽرڪچر جي ترقي ۽ اپ گريڊيشن جي منصوبن جي باري ۾ به بريفنگ ڏني وئي.
ايڇ اي سي ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرام متعارف ڪرائي: صدر
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر