اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته يوم مئي اسان کي پورهيت طب??ي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو جيڪي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ظلم، ستم، استحصال ۽ ناانصافي جي خلاف شڪاگو ۾ فوت ٿيندڙ مزدورن جي جدوجهد کي ياد ڪندي اسان مزدور طب??ي جي ملڪ جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، اڄ جو ڏينهن پاڪستاني مزدور ڪميونٽي جي ڪردار، صلاحيتن، ڪم سان لڳاءُ، ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي پسند قوم جي عزت جي علامت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار يوم مئي جي موقعي تي جاري پيغام ۾ ڪيو جيڪو اڄ آچر تي سڄي دنيا ۾ ملهايو پيو وڃي، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته پورهيت طب??و ڪنهن به ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندو آهي تنهن ڪري اسان تي لازمي آهي ته انهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ انهن جي خدمتن جي معاوضي جي وقت سر ادائيگي کي ي??يني بڻائون. هن چيو ته دنيا جي سمورن مهذب معاشرن پنهنجي پورهيت طب??ي جي حقن ۽ ڀلائي ۽ ترقي کي ي??يني بڻائڻ لاءِ قانونسازي ڪري رکي آهي، هن چيو ته موجوده جمهوري حڪومت مزدورن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مزدور دوست پاليسيون جوڙي رهي آهي، اسپيڪر چيو ته ملڪي ترقي لاءِ حقن ۽ فرضن ۾ توازن انتهائي اڻٽر آهي، هن مزدور برادري کي اهو پيغام ڏنو ته هو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ محنت ۽ جانفشاني سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهن، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني ي??م مئي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سڄي دنيا جي افرادي قوت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته افرادي قوت ڪنهن به ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿي، هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده جمهوري حڪومت مزدور برادري ۽ انهن جي خاندانن جي ڀلائي ۽ خوشحالي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان ميان محمد شهباز شريف وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ پنهنجي پهرين تقرير ۾ مزدورن جي ??هٽ کان ??هٽ اجرت 25000 هزار مقرر ڪئي آهي جيڪا مزدور برادري جي حقن جي تحفظ جي عڪاسي آهي. هن مزدور طب??ي جي حقن جي تحفظ ۽ کين بهتر معيار زندگي جي فراهمي جي حڪومت عزم جو ورجاءُ ڪيو.
يوم مئي اسان کي پورهيت طبقي جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو سنهري موقعو فراهم ڪري ٿو: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : quina acumulada