اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪورونا وب?? جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران تقريبن 11 لک م??ڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پ??ري اميد آهي ته تقريبن 20 لک م??ڻهو ٻاهرين ملڪ ويندا، اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ ملازمت لاءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاران رجسٽرڊ ڪيل پاڪستاني ورڪرن جي تعداد جي حوالي سان اسٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع کا?? آڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 لک 26 هزار 640 ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار مليو. 2019ع ۾ 6 لک 25 هزار 203 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت حاصل ڪئي. 2020?? ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت تي ويا.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔