اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مصور پاڪستان علامه محمد اقبال جي ??لا??ت جي ڏهاڙي تي کيس شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چ??و آهي ته هن پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ عملي قدمن ذريعي ??نڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ انهن ۾ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو، علامه اقبال مسلمانن کي اڳتي وڌڻ ۽ دنيا ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرڻ جي لاءِ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني، ڀارت ۾ مسلمانن کي ترقي ۽ انصاف جا موقعا نه ڏنا ويا، ڀارت اڄ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ ۽ معتصباڻي سلوڪ ذريعي ??نهنجي تاريخ کي مٽائڻ جي ويجهو آهي، جديد دور ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي. هو بحريه يونيورسٽي ۾ علامه اقبال جي ??لا??ت جي ڏهاڙي جي مناسبت سان منعقد ٻي عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي سينيٽر وليد اقبال، بحريه يونيورسٽي جي ريڪٽر وائيس ايڊمرل ڪليم شوڪت، رفاه يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر انيس احمد ۽ پروفيسر ڊاڪٽر عادل مسعود پڻ خطاب ڪيو. صدر پنهنجي خطاب ۾ مصور پاڪستان علامه محمد اقبال کي سندس ??لا??ت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي سندس شخ??يت جي اهم رخن کي اجاگر ڪ??و. هن چيو ته علامه اقبال مسلمان امت جي نشاته ٿانيه جو تمام وڏو داعي ??و، هن پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ پيغامن ذريعي ??نڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو ۽ انهن ۾ آزادي جي حوالي سان جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو. صدر چيو ته اقبال جا تصور ۽ تخليقون ارتقا پذير رهيون، هو شروع ۾ متحده هندستان جو قائل هو پر بعد ۾ مسلمانن سان اڻوڻندڙ سلوڪ جو ادراڪ ٿيڻ ي هن جدا رياست جو تصور پيش ڪيو. هن چيو ته ان صورتحال ۾ علامه اقبال مسلمانن کي اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم ۽ هنر حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏني. صدر چيو ته هندستان ۾ مسلمانن کي ترقي ۽ انصاف جا موقعا نه ڏنا ويا، ڀارت اڄ مسلمانن ۽ ٻين اقليتن سان اڻوڻندڙ ۽ معتصباڻي سلوڪ ذريعي ??نهنجي تاريخ کي مٽائڻ جي ويجهو آهي، پنهنجي متعصباڻي سوچ ۽ ظلمن هو پاڻ کي باهه لڳائي ره??و آهي. هنچ يو ته نئون دور علم جي حوالي سان تمام تيزي سان ترقي ڪري ره??و آهي، ان لاءِ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علم حاصل ڪرڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي.
علامه اقبال پنهنجي تقريرن، لکڻين ۽ عملي قدمن ذريعي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي غفلت جي خواب مان جاڳايو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب