ڪراچي – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ??زيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قدم آهي، قرآن مجيد ۽ اسوه حسنه تي عمل ڪري اسان دنيا جي طاقتور ترين قوم بڻجي سگهون ٿا، اسان کي پنهنجي قوم جي تربيت ڪرڻ گهرجي، ان ڏس ۾ سڀ کان اڳ عالم سڳورا عبادتن سان گڏوگڏ اخلاقيات جي تربيت ڏين، حڪومت سٺي ۽ معياري تعليم جي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. گورنر هائوس پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ منعقد سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ??يڊيا ه?? اهم ٿنڀ آهي ۽ قوم جي تربيت ۾ ان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جي ميڊيا ه?? ذميوار ميڊيا آهي. سنڌ جي گورنر چيو ته ڪانفرنس ۾ شريڪ عالم سڳورن جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ??زيراعظم ع??را?? خان پاڪستان کي مديني جي رياست بڻائڻ جو تصور رکي ٿو ۽ هو عالم سڳورن جي مدد جو منتظر آهي ته جيئن ملڪ کي فلاحي رياست بڻائي سگهجي ان سلسلي ۾ رياست پاڪستان جو حڪ??را?? توهان طرف هٿ وڌائي رهيو آهي، عالم سڳورا ع??را?? خان جو ساٿ ڏين. هن وڌيڪ چيو ته اسان رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهي رهيا آهيون، اها اٿارٽي وزيراعظم کي مشورو ڏيندي ۽ سموري اسلامي دنيا جا عالم سڳورا ان ۾ شامل هوندا پر پاڪستان جا عالم سڳورا ان کي ليڊ ڪندا ڇو ته عالم سڳورن جي مدد کانسواءِ اهو ممڪن نه آهي، الله اسان کي موقعو ڏنو آهي ته ??ديني جي رياست ٺاهيون. سنڌ جي گورنر چيو ته ??نهنجي الله وزيراعظم جي دل ۾ نبي ﷺ جي محبت رکي آهي جڏهن نبي ﷺ جو ذڪر اچي ٿو اسان جا ڪنڌ تعظيم ۾ جهڪي وڃن ٿا، وزيراعظم هر جڳهه تي اسان جي نبي ﷺ جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪا ڳالهه دل سان چئي وڃي اها اثر ڪري ٿي، نبي ﷺ جي تعليم اختيار ڪرڻ سان ئي اسان سرخرو ٿينداسين. هن چيو ته ??ارن کي اسان کي ٻڌائڻو پوندو ته ??نهنجو رول ماڊل نبي ﷺ کي بڻائين. سيرت النبي ﷺ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ??ر سال اسان عقيدت ۽ محبت، جوش ۽ جذبي سان عيد ميلادالنبي ﷺ ملهائيندا آهيون ڇو ته اسان پاڻ ﷺ جا امتي آهيون ۽ انهن جي غلامي ڪريون ٿا ۽ انهن جي آيل دين جي عزمتن کي دل ۽ جان سان مڃون ٿا. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نورالحق قادري چيو ته رحمت للعالمين اٿارٽي قائم ڪرڻ جا ڏورس نتيجا نڪرندا. وزيراعظم ع??را?? خان پاڪستان کي مديني جي رياست بڻائڻ چاهي ٿو ۽ اها اٿارٽي ان ويزن جي عڪاس ثابت ٿيندي، ان ڏس ۾ عالم سڳورن جو ڪردار انتهائي لازمي آهي ته جيئن پاڪستان کي فلاحي رياست بڻائي سگهجي.
وزيراعظم جو رحمت للعالمين اٿارٽي ٺاهڻ جو فيصلو تمام وڏو قدم آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ