اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اڄ جو ڏينهن الله تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ته ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو، ??ند??ي جي هر ميدان ۾ ٻنهي جهانن جي سردار عالم صلي الله عليه واله وسلم جي سيرت طيبه اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن عيد ميلاد النبي ﷺ جي ??وق??ي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. پرڏيهي وزير عيدميلاد النبي ﷺ جي مقدس ??وق??ي تي پاڪستاني قوم ۽ سڄي مسلمان امت کي دل جي گهراين ??ان مبارڪباد پيش ڪئي، هن چيو ته اڄ جو ڏينهن الله سبحان تعاليٰ جي حضور سجده شڪر بجا آڻڻ جو ڏينهن آهي ان پاڪ پروردگار اسان کي نبي آخر الزمان ﷺ جو اُمتي هجڻ جو شرف بخشيو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته الله تعاليٰ پاڻ سڳورن کي نه رڳو مسلمانن لاءِ پر ٻنهي جهانن لاءِ رحمت بڻائي موڪليو، ??ند??ي جي هر ميدان ۾ ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جي سيرت طبيه اسان جي لاءِ بهترين نمونو آهي،
حضور ﷺ جي ??ند??ي مبارڪ جي پيروي ئي دنيا ۽ آخرت جي ڪاميابي جي ضامن آهي. هن چيو ته اڄ فضا درود ۽ سلام جي نذرانن سان معطر آهي. پرڏيهي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اڄوڪي ڏينهن جي صديقي پاڪستان کي اندروني ۽ ٻاهرين ??طرن کان محفوظ رکي ۽ ان کي تاقيامت قائم ۽ دام رکي، خطي ۾ امن ۽ امان قائم ٿئي، تعمير ۽ ترقي جا دروازا کلن، خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان مصروف هٿين ??ال?? ڪشميرين کي انهن جو حق ملي ۽ اتحاد امت ۽ اتحاد بين ??لمسلمين لاءِ به دعا ڪئي.