اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان ٽيلي ويزن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ٽيڪنيڪي اپ گريڊيشن ۽ جدت بابت جاپان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ گڏيل منصوبن تي ??لد عملدرآمد جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ جاپان 6 ڏهاڪن تي ٻڌل گهڻ رخي فعال حصيداري جا حامل ملڪ آه??. ا??ا ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل جاپان جي سفير ڪني نوري مستودا سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جاپان جي سفير کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽيلي ويزن (پي ٽي وي)، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي) ۽ ايسوسيئيٽي?? پريس آف پاڪستان کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت ناميارين قومي خابرو ادارن وان??ر اي پي پي ک?? پريميم نيوز ايجنسي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته ملڪ جي وڏن شهرن ۾ 11 جديد اسٽوڊيوز جو قيام عمل ۾ آندو ويندو جنهن جو مقصد اي پي پي جي جديد ترين وڊيو نيوز سروس جي جوڙجڪ ۽ استحڪام آهي، وفاقي وزير جاپان جي سفير کي ميڊيا ٽيڪنالاجي يونيورسٽي جي قيام لاءِ حڪومتي قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته انساني وسيلن جي تربيت جي فراهمي ۾ جاپان جو تعاون ضروري هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير گيمنگ ۽ ايني ميشن جي ميدان ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي ضرورت تي ??ه زور ڏيندي چيو ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي. اطلاعات واري وزير فلم، ڊرامه، پوڊ ڪاسٽ ۽ جوائنٽ پروڊڪشن جي شعبن ۾ جاپان سان گڏيل منصوبن جي ضرورت تي ??ه زور ڏنو، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ جاپان جي سفير ميڊيا ۽ اطلاعات جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ جاري گڏيل منصوبن تي ??ه خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
حڪومت اي پي پي کي پريميم نيوز ايجنسي بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب