اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولي?? ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ مخصوص ڪيل فنڊز ج?? وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني ??ڻايو ويندو، توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني ??ڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي سان لاڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل معاملن ۽ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حوالي سان اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪ??ن جي رفتار، مالي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ مالي سال جي لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن