لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان ڏکڻ پنجاب صوبو قائم ڪرڻ جي حوالي سان وفاق ۽ صوبن مان ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ج??ڙڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ان سلسلي ۾ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون، سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ سان انتظامي اختيارن جي منتقلي طرف هڪ وڏو قدم کنيو ويو آهي، ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي موجوده حڪومت جي اولين تر??يح آهي. هو ڏکڻ پنجاب سان تعلق رکندڙ پارليا??ين?? ميمبرن جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو جنهن لاهور ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ڏکڻ پنجاب جي جدا صوبي بابت عوامي مطالبي تي موجوده حڪومت پا??ان عملي اڳڀرائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام جو پراڻو مسئلو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار هو جنهن جي حل جو واعدو ماضي ج?? حڪومتن ڪيو پر پورو نه ڪيو ويو. ان مطالبي کي پاڪستان تحريڪ انصاف نه رڳو پنهنجي منشور جو حصو بڻايو پر ان طرف عملي اڳڀرائي ڪئي آهي ج??هن تي هو وزيراعظم جا ٿورائتا آهن. ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام اختيارن جي منتقلي طرف اهم اڳڀرائي آهي، ان سان ڏکڻ پنجاب جي عوام جي مسئلن جو حل ملتان ۽ بهاولپور ۾ ممڪن ٿيندو.
ڏکڻ پنجاب صوبو ٺاهڻ لاءِ ڀرپور تياري ۽ آئيني گهرجون پوريون ڪيون وينديون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے