اسلام آباد – 06 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته حمزه شهباز ڊرامو بند ڪندي عورتن ۽ ٻارن کي ڍال طور استعمال ڪرڻ بدران قانون جو احترام ڪندي گرفتاري ڏئي ڇڏي، 10 سالن ۾ 60 ارب ڊالر قرض جو هڪ وڏو ڪاٿو شر??ف ۽ زرداري خاندان جي کيسن ۾ هليو ويو آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪالهه کان لاهور ۾ هڪ ڊرامو هلي رهيو آهي جنهن جو مرڪزي ڪردار حمزه شهباز شريف آ??ي، شر??ف ۽ زرداري خاندان سدائين قانون جو استعمال پنهنجي مرضي ۽ س??ولت موجب ڪيو آ??ي، انهن جي نظر ۾ قانون اهو آهي جيڪو ر??و انهن کي سهولت ڏي ۽ اها انهن جي معصوم خواهش آهي ته قوم جو جيڪو پئ??و انهن جي کيسن ۾ پيل آهي ڪير انهن کان اهو نه پڇندو ته اهو پئسو ڪٿان آيو آهي.
مضمون کا ماخذ : ٹربو چارج