نيويارڪ – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان پشاور ۾ اسڪول جي ٻارن تي حملي، مستونگ ۾ بم ڌماڪي جي ذميوارن ۽ سمجهوتا ايڪسپريس ۾ بيگناهه پاڪستانين جي شهادت کي ڪڏهن به نه وساريندو، ڪ??مير جو مسئلو جيڪو گذريل 70 سالن کان انسانيت جي مٿي تي ??دن??ا داغ آهي، پاڪستان جو پاڙيسري ملڪ دهشتگردن جي مالي ??دد ۽ منصوبابندي ۾ حمايت ڪري رهيو آهي، ڀارت سان بامقصد ڳالهين لاءِ تيار آهيون، پاڪستان پنهنجي قومي مفاد ۽ ملڪي سلامتي تي ڪنهن به قسم جي سوديبازي نه ٿو ڪري سگهي، علائقائي ملڪن سان گڏيل عزت ۽ احترام جي بنياد تي لاڳاپا بحال ڪرڻ چاهيون ٿا. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني 73 هين اجلاس کي خطاب ڪندي پاڪستان جي پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي چيو ته 2 مهينا اڳ پاڪستان جي ع??ام جمهوري حق جو استعمال ڪندي معاملن ۽ گورننس ۾ بهتري جو فيصلو ڪيو، پاڪستان جي ع??ام هڪ اهڙي ملڪ لاءِ پنهنجي راءِ ڏني آهي جيڪو پراعتماد، دردمند ۽ امن پسند هجي.
ڪشمير مسئلو انسانيت جي مٿي تي داغ آهي: شاهه محمود قريشي جو گڏيل قومن ۾ خطاب
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania