لورا لائي– 25 مارچ (اي پي پي) گهرو ??زي?? چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا نه رڳو بلوچستان پر پاڪستان سميت سڄي خطي جي تقدير مٽائي ڇڏيندي. سي پيڪ جي ناڪامي لاءِ دشمن قوتون مختلف قسمن جي سازشن مصروف آهن. هٿياربند فو?? انهن سازشن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي. بلوچستان ۾ امن امان لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان، پوليس ۽ پاڪ فو?? جو ڪردار مثالي آهي. اهڙو اظهار هن لورا لائي ۾ فرنٽيئر ڪور بلوچستان جي 60هين پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب خطاب ??ندي ڪيو. گهرو ??زي?? چ??و ته ايف سي بلوچستان ۾ شامل ٿيندڙ نون نوجوانن جي ڪلهن تي صوبي جي ترقي جي مخالف دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪرڻ جي وڏي ذميواري آهي. هن چ??و ته ڪجهه عنصر ذاتي مفادن ۽ پرڏيهي آقائن جي خوشنودي لاءِ صوبي ۾ امن امان خراب ??رڻ چاهين ٿا.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار