رياض-10 جون (اي پي پي ) نار سهڪار ڪونسل ( جي سي سي ) مرڪزي غزه نصيرات مهاجر ڪيمپ تي اسرائيلي حملي جي مذمت ڪئي آهي. جنهن ۾ 274 ماڻهون شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي?? آهن . اردو نيوز موجب ڪونسل پنهنجي بيان ۾ چيو ته عالمي برادري فلسطينين خلاف اسرائيل جي سرگرم ڏوهن کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي بيان ۾ نصيرات مهاجر ڪيپ تي حملي کي هڪ ??هشتگرد قدم قرار ڏنو ان کان سواءِ جي سي سي جي وزارتي اجلا س۾ وزيرن چيو ته غزه ۾ جنگ جي خاتمي جي حوالي سان آمريڪي صدر جوبائيڊن پاران پيش ڪيل تجويزن کي سنجيدگي ۽ مثبت طور وٺڻ جي ضرورت آهي وزارتي اجلاس ۾ سعودي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان به شرڪت ڪئي ان کان سواءِ اسلامي سهڪار تنظيم ( او آئي سي ) غزه ۾ گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي تحت هڪ ??سڪول تي اسرائيلي بمباري جي مذمت ڪئي آهي جتي بي گهر فلسطينين پن??هه وٺي ويٺا هيا .
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار